پراڻو ديرو1

پراڻو ديرو1: دادو تعلقي جي هن ديهه ۾ ڪل 17 ڳوٺ آباد آهن: پنجو ديرو وليج، ڦلجي اسٽيشن (ٽائون ڪاميٽي)، اوڀايو پنهور، ليسوڙو پنهور، گل پنهور، ڪمال جهتيال، الهرکيو ماڇي، ڀائي خان پنهور، بچايو پنهور، لشڪري، علي خان پتافي، حاجي فضل سولنگي، حاجي حافظ، حمزو گرگلاڻي، حبيب الله پنهور، غلام حسين ڪلهوڙو ۽ جمعو خاڪوپــراڻو ديرو خود وڏو ڳوٺ آهي. مشهور عوامي شاعر اسـتـاد بخاري، الهه نواز رڪڻائي ۽ حاڪم علي شاهه بخاري جو ننڍپڻ ۽ جواني هتي جي دوستن سان گذري. هتي ئي سرتاج لڪياري ۽ ٻيا اسٽيج ڊراما ڪندا هئا، جن ۾ استاد بخاري هيري جو پارٽ ادا ڪيو هو. ان کان پوءِ حاڪم علي شاهه به هتي ٿيندڙ ڪيترن ڊرامن ۾ هيري جو ڪردار ادا ڪيو هو، جن ۾ هن وقت جي مشهور راڳي منظور سخيراڻي هيروئن جو ڪردار ادا ڪيو هو. هي ڳوٺ ڪنهن سمي وڏو پتڻ هو. انگريزن ڦلجيءَ کان پراڻو ديرو ريل جي پٽڙي به وڇائي هئي، جيڪا پراڻي ديري پتڻ تان مال کڻي ايندي هئي. هتي غلام مصطفيٰ جتوئي ۽ سندس ڀائرن جون زمينون به آهن. ڪيٽي جتوئي ۽ ڪيٽي کيڙا به هن ديهه ۾ اچي ٿي. غلام مصطفيٰ خان جتوئيءَ جا وڏا امام بخش ’صابر‘ ۽ غلام رسول خان جتوئي هن ڳوٺ ۾ مشاعرا به ڪرائيندا هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو